پتافي بهاءُ الدين بهائي مولوي

پتافي، بهاءُالدين ”بهائي“، مولوي: مولانا بهاءُ الدين ”بهـائيِ“ ولد جلال الدين پتافي، 1239 هه/ 1823ع ۾ ڳوٺ نصير ڪوٺي لڳ گھوٽڪيءَ ۾ ڄائو. هُو پتافي قبيلي جي ”ڀاوناڻي“ شاخ مان هو. مولوي سيد علي اڪبر شاهه وٽ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مختلف مدرسن ۾ درس ڏيندو رهيو. هو وڏو عالم ۽ مصنف هو، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ سندس 21 ڪتاب لکيل آهن. شعر ۽ شاعري ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. فارسيءَ ۾ سندس شاعري موجود آهي. 114 سالن جي عمر ۾ 24 محرم 1352هه/ 1933ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو